حسن عليءَ وارو دڙو

حسن عليءَ وارو دڙو (ماڳ): سنڌو تهذيب جي وٿن وارو هيءُ دڙو ڪراچيءَ کان 35 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ضلعي ڪراچيءَ ۾ واقع آهي. ماڳ جي جاگرافيائي بيهڪ "00 °25 اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ "19 °67 اوڀر ڊگھائي ڦاڪ تي آهي. هن دڙي جي ڪل پکيڙ 200 فوٽ ۽ اوچائي 10 فوٽ آهي. دڙي جي اوڀرندي پاسي واري اڌ حصي ۾ پٿر جي ديوار جا نمايان نشان موجود آهن ۽ مٿاڇري تي وڏي تعداد ۾ ٺڪراٺو پکڙيل آهي. دڙي تان ملندڙ ٺڪراٺو ناسي يا ڳاڙهي رنگ جو آهي، جيڪو چڱي نموني پچايل معلوم ٿئي ٿو. هتي ملندڙ ٺڪراٺي تي روغن ٿيل آهي. هن ماڳ تان ڪَنا، پليٽون، ٻن ڦيٿن واري رانديڪن واري بيل گاڏي وغيره جھڙيون ثقافتي وٿون مليون آهن. ماهرن جي راءِ موجب هتي پکڙيل ٺڪراٺو سنڌو تهذيب سان واسطو رکي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو